ٿرمو اسٽيٽ

ٿرمو اسٽيٽ: ٿرمواسٽيٽ هڪ اوزار آهي، جيڪو ڪنهن خاص علائقي ۾ گرمي ۽ ٿڌ پيدا ڪرڻ واري نظام تي ڪنٽرول جي ذريعي گرمي پد کي گهربل حد ۾ رکندو آهي. گرمي پد کي پهرين کان مقرر ڪيل حد تي برقرار رکڻ لاءِ هي اوزار گرمي ۽ ٿڌ پيدا ڪرڻ واري نظام کي چالو يا بند ڪري سگهي ٿو. ٿرمو اسٽيٽ جي ڪم جو اصول هي آهي ته هن جي جزن مان ڪو هڪ گرمي پد جي بدلجڻ سان سسندو يا پکڙبو آهي. ان پکڙجڻ ۽ گهٽجڻ جي نتيجي ۾ گرم ۽ ٿڌي ڪرڻ جي نظام جي رفتار تي اثر ٿيندو آهي. گرم ڪرڻ سان هي پکڙبو ۽ شيشي جي هڪ ٽيوب ۾ مٿي چڙهندو آهي. مٿي چڙهي پهرين کان مقرر ڪيل نقطي کي ڇهڻ لڳندو آهي، سرڪٽ مڪمل ٿي گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ شروع ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح گرمي پد گهٽ ٿي ويندو آهي. ان ٿرمواسٽيٽ ۾ ٻه ڌاتي پٽيون استعمال ٿينديون آهن. مختلف ڌاتن جي ٻن پٽين کي هڪ ٻئي سان جوڙبو آهي. گرمي پکيڙ ڌار ڌار ٿيڻ سبب جڏهن ڌاتي پٽي کي گرم ڪيو ويندو آهي، تڏهن هي ڌار ڌار پکيڙ جي هڪ عمل مان گذرنديون آهن. ان جي نتيجي ۾ ٻه ڌاتي پٽي هڪ طرف مڙي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح جي مڙڻ سان سرڪٽ کي ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ ان سان لاڳاپيل برقي عمل بيهجي ويندو آهي. گرمي پد گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ هي پٽيون پنهنجي جاءِ تي واپس اينديون آهن. برقي سرڪٽ مڪمل ٿيندو آهي ۽ لاڳاپيل عمل وري شروع ٿي ويندو آهي .


لفظ ٿرمو اسٽيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو